دادلو درياهه

دادلو درياهه

دادلو درياهه

دادلو درياهه (ڪتاب): فقير الهه بخش لغاريءَ جو هي ڪتاب، سنڌو درياهه بابت اهم ڄاڻ تي مشتمل ۽ پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ درياهه جي خاصيتن، درياهه ۾ ترڻ جي سَنڊن، درياهه جي لَٽ، درياهه جي آبي جانورن، مڇين ۽ پکين سان گڏ درياهي پڊن جا خشڪيءَ وارا پکي، سيلاني پکي، درياهه جي ڪپرن ۽ ڪنڌيءَ تي رهندڙن جانورن جا تفصيل ڏنل آهن. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ مڇيءَ مارڻ جا هلٽ ۽ طريقا به بيان ٿيل آهن. ان کان سواءِ دادو- موري پل جي ڪچي واري ساڄي پاسي، خيري ديري کان سيوهڻ تائين جي ڪچي جو تفصيلي احوال به ڏنل آهي. مصنف درياهه جي کاٻي پاسي موجود ڍنڍن، ڍورن، واهڙن ۽ دُٻن جي ذڪر کان سواءِ پنهنجي ڳوٺ لغاري بجراڻيءَ جي ماضي، حال، ڪاروهنوار، تر جي موچارن ماڻهن ۽ شوق شڪار جا تفصيل به لکيا آهن. هي ڊيمي سائيز جي 200 صفحن تي مشتمل خوبصورت ٽائيٽل وارو ڪتاب، بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ، نوابشاهه پاران 2011ع ۾ شايع ٿيو آهي ۽ اُن جي قيمت 220 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو